تورڻ 2

تورَڻُ2: ’تورڻ‘ هڪ گيت به آهي. جڏهن گهوٽ پهريون دفعو ساهرن جي گهر ايندو آهي، تڏهن هو تورڻ وٽ اچي ساٺ سنؤڻ لاءِ بيهندو آهي. پوءِ ٽي چار عورتون گڏجي ’تورڻ‘ گيت ڳائينديون آهن، جنهن جا ٻول هن طرح جا ٿيندا آهن:
وراڻي:
آڻــي تـورڻ اُوڀـا، جـاڻـي سـوڙهـئـه سـُـورج اُوگــا.
(لاڏو تورڻ هيٺيان بيٺو، ڄڻ سورهن ڪلائن سان سج اُڀريو.)
اکڙن لان دو پاڻي جاڻي جهِيڻي ڪَيسر ڇاڻِي،
ناڪڙيي ري ڏانڊي، ٿانري اَي نِڪَمي ٻيسي مانڏِي.
هو ڪيسريا لاڏا
(گهوٽ جي اکين جو پاڻي، ڪيسر زعفران جي مثل آهي. سندس نڪ ڄڻ ته مالڪ واندو ٿي ويهي ٺاهيو آهي. او پيلي پٽڪي ٻڌل گهوٽ).
گُــڙي ري گُــرنـاري، سـونــي ڪــانٺِـي سُـونهِـي،
هـاٿـان ڪـپي ري آنگـــڙي، مُونگان ڪٻي ري ڦڙين.
(سندس سهڻي ڳچيءَ ۾ سون جي ڪنٺي پئي سونهي. سندس هٿن جون آڱريون مڱن جي ڦرين جهڙيون آهن.)
ڪَــنــان راڱــج مــوتــي، ســوڙهي گهـونگهــٽ،
جوتـي پاتليــان پانچامِ، ٿانُــري سونو ڪَڙو سونهي.
(سندس ڪنن ۾ پيل سونا ڪنڍل، زالون گهونگهٽ مان پيون نهارين، تنهنجي سهڻن هٿن ۾ سونا ڪنگڻ سونهن.)
پـاتِليــان پـاســان، ٿــانــري پِيـلــو واڳــو سـونهي،
پـاتـرڙي پـيــنڏِي ۾ تنهانجي ڪــڙو سُونهي.
(تنهنجي سهڻن پاسن ۾ سنهو پهراڻ ڏاڍو ٿو سونهي، تنهنجي سنهي پير جي مُرئي ۾ سونو ڪڙو سونهي.)
پـاتـليــان پـگان ۾، ٿانري مَخمَل جُوتِي سونهي،
ڀَـنوَرَ گهـوڙلــي مــاٿِـي، ڪيــسريـو لاڏو سُونهي.
(تنهنجي سهڻن پيرن ۾ مخمل جي جُتي سونهي. ڀنئور جهڙي ڪاري گهوڙي تي، گهوٽ سونهي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو